سعودي عرب ۾ ملازمت بابت وڏي پابندي لاڳو

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ ملازمت لاءِ ويندڙ پرڏيهين لاءِ اهم خبر اچي وئي، حڪومت ملازمت جي حوالي سان وڏي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

سعودي جي افرادي قوت ۽ سماجي ڀلائي واري وزارت 21 ورهين کان ننڍي عمر جا گھريلو ملازم رکڻ تي پابندي مڙهيندي 20 هزار ريال ڏنڊ جو اعلان ڪيو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب سعودي وزارت طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته قانون تحت 21 سالن کان ننڍي عمر جي ماڻهن کي گھريلو ملازم نٿو رکي سگھجي.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 20 هزارڏنڊ لڳايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.