سکر: وومنز ايڪشن فورم پاران صنفي تشدد تي فاطمه ڦرڙو ڪانفرنس

سکر آرٽس ڪائونسل ۾  وومنز ايڪشن فورم پاران صنفي تشدد تي فاطمه ڦرڙو ڪانفرنس ڪوٺائي وئي آهي.

ڪانفرنس ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين جي ايڪٽوسٽ عورتن، وڪيلن، اديبن ، سياسي ۽ سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ڪانفرنس جي پھريون سيشن "ڌوڏ ھن سماج” ۾ راڻيپور جي حويلي ۾ تشدد جو شڪار ٿيل فاطما ڦرڙو جي ماءُ  شبنم ڦرڙو چيو ته کيس عدالتن مان انصاف جي اميد آهي. ٺل مان اغوا ٿي ويل فضيلا سرڪي جي ماءُ چيو تـه فضيلا سرڪي 7 سالن جي عمر ۾ اغوا ٿي اڄ سترنھن سالن کانـپوءبه هوءَ ڌيءَ جو انتظار ڪري رهي آهي.

سيشن ۾ ايس ايس پي سکر عرفان سمون چيو ته  نظام کي تبديل ڪرڻ سان بھتري ايندي اهڙن ڪيسن ۾ رڳو هڪ سيڪڙو ڪاميابي ملندي آهي.

ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو چيو ته  فاطما جي ڪيس ۾ سنڌ اندر وڏو ردعمل آيو  ڪوشش ڪنداسين ته متاثرن کي انصاف ڏياريون.

سينير صحافي شوڪت نوناري۔ ـوڪيل نثار ڀنڀرو۔ ـسنڌ ھيومن رايٽس ڪميشن جي ميمبر سک ديو سنڌ اندر صنفي تشدد بابت پنهنجو پنهنجو موقف پيش ڪيو جڏهن ته ڊاڪٽر پروفيسر ادل سومرو پنھجو نظمـ پيش ڪيو.

ڪانفرنس جي ٻئين سيشن ”سک نه ستا ڪڏهن“ جي سري هيٺ ٿي گذريو جنھن کي ڊاڪٽر حسين مسرت ماڊريٽ ڪيو ۽ عورتن جي جاکوڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي.

آخري سيشن ”ناهي منزل دور او ساٿي“ جي سري هيٺ ٿي جنهن کي ذڪي اعجاز ماڊريٽ ڪيو جنهن ۾ عورت سان ٿيندڙ هراسمينٽ بابت موقف پيش ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.