ميرپورخاص حڪومتي غفلت جو شڪار

تحرير: ماريا اسماعيل

سنڌ جو چوٿون وڏو شهر ميرپورخاص حڪومتي غفلت جو شڪار بڻجي ويو آهي، جتي نه تعليم جون بهتر سهولتون آهن ۽ نه اسپتالون، اتان جو عوام شعور کان محروم زندگي گذاري رهيو آهي، جتي سرعام منشيات جو استعمال جاري آهي، منشيات جهڙي ڪڌي ۽ سماج لاءِ ناسور بڻيل عمل ۾ پڪا پوڙها ۽ عورتون پڻ شامل آهن.
ميرپورخاص ضلعي ۾ عورتن ۽ ٻارن سان زيادتين جي وڌندڙ واقعن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومتي سطح تي ڪافي قدم کنيا ويا آهن پر اهي اڃا تائين اڻپورا محسوس ٿين ٿا، ننڍي عمر جي شادي هجي يا امن امان جي صورتحال، مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ميرپورخاص سنڌ جو وڏو شهر هجڻ باوجود بنيادي سهولتن کان محروم آهي.
هتي شهرين جي تفريح لاءِ پارڪن ۽ خريداري لاءِ مارڪيٽن نالي ڪا به سهولت ناهي، ڏورانهين علائقن جا ماڻهو مختلف ڪم ڪارن جي سلسلي ۾ شهر جو رخ ڪن ٿا پر هيڏي وڏي شهر ۾ ڪٿي به پبلڪ واش روم جي سهولت ميسر نه آهي.
ان سلسلي ۾ سماجي ڪارڪن ۽ آرٽ فائونڊيشن سان تعلق رکندڙ شهزادي ملڪ عوامي آواز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ”هو ضلعي آفيس، وومين ڊپارٽمينٽ، وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سيل سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن“.
هن اعتراف ڪندي چيو ته ضلعي ۾ سهولتون اڻلڀ آهن، جنهن جي فراهمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ان لاءِ هن هڪ گروپ ٺاهيو آهي، جيڪو مختلف علائقن ۾ وڃي ورڪشاپ منعقد ڪري ماڻهن کي آگاهي ڏئي ٿو.
ضلعي آفيس ۾ وومين اينڊ چلڊرن پروٽيڪشن سيل ميرپورخاص جي انچارج فوزيه ناصر جو چوڻ هو ته کيس 2 سال اڳ مقرر ڪيو ويو هو.
فوزيه ناصر چيو ته ”ڊي ايس پي“ جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا جسماني تشدد ۽ هراسمينٽ جي ڪيسن سميت ٻين معاملن کي ڏسي رهي آهي، معاملن جو مختلف رخن کان جائزو وٺي ورتو ويندو آهي ۽ مسئلو ستن ڏينهن اندر حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.
هن ٻڌايو ته ”ڪڏهن ڪڏهن گهريلو تشدد جي ڪيسن ۾ ٻنهي ڌرين کي طلب ڪيو ويندو آهي، جيڪڏهن ممڪن هجي ته ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ڪرايو ويندو آهي“.
فوزيه ناصر سان ڳالهه ٻولهه دوران انڪشاف ٿيو ته ضلعي ۾ ڪو به ميڊيڪل ليگل آفيسر مقرر ناهي، جيڪو عورتن ۽ ڇوڪرين سان ٿيندڙ زيادتين جو چيڪ اپ ڪري سگهي.
فوزيه ناصر ٻڌايو ته زيادتي واري ڪيس ۾ پوليس پاران سول اسپتال مان متاثر ٿيندڙ جو طبي معائنو ڪري تصديق ڪئي ويندي آهي، اسان به ڳوٺن ۾ وڃي ڪم ڪريون ٿا ته جيئن ماڻهن ۾ شعور پيدا ٿئي.
ننڍي عمر جي ٻارن جي شادي بابت ڊسٽرڪٽ چلڊرن آفيسر جنيد مرزا چيو ته هتي سياسي ماڻهو اهڙن معاملن ۾ ملوث آهن، جنهن ڪري ماڻهو پنهنجن مسئلن جو اظهار نٿا ڪري سگهن، اسان لا وڏو مسئلو جيڪي ٻار گم ٿي ويندا آهن يا وري ڪنهن کي هٿ اچي ويندا آهن، انهن جي پروٽيڪشن لاءِ به اسان وٽ ڪو جوڳو بندوبست نه آهي.
ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ايم پي اي منگلا شرما چيو ته مقامي پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن پنهنجو ذهن ٺاهي ڇڏيو آهي ته جڏهن ڪو واقعو پيش اچي ته ڪارروائي ڪئي ويندي، باقي ڪجهه ڪرڻو ئي ناهي.
پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شميم ممتاز چيو ته جڏهن ڪنهن واقعي جي خبر پوي ٿي ته ان کي فوري طور تي روڪيو وڃي ٿو پر جڏهن شادي ٿئي ٿي ته تمام ڏکيائي ٿئي ٿي.
شميم ممتاز جو وڌيڪ چوڻ هو ته آپگهات ڪرڻ جو سبب اهو آهي ته هتي وياج جو ڪاروبار عروج تي آهي، جن ماڻهن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي ته اُهي وياج ڪيئن ادا ڪندا؟ انڪري اهڙن مسئلن طرف ڌيان ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي ته جيئن حڪومت جلد کان جلد اهو سلسلو ختم ڪري سگهي.
ميرپورخاص جي وومين ڊپارٽمينٽ آفيسر طارق وليد بلوچ چيو ته ضلعي ۾ بيروزگاري ۽ تعليم جي کوٽ سبب ڪيترن ئي مسئلن جنم ورتو آهي، هلندڙ سال جنوري کان سٽيمبر تائين آپگهات جا 17، ڀنگ لاءِ اغوا جا 13، هراسان ڪرڻ جا 12 ۽ زيادتي جا ڏهه ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.


هن ٻڌايو ته هلندڙ سال خلع لاءِ نوَ، گهريلو تشدد جا يارنهن، قتل جا نوَ ۽ ڪاروڪاري جا 3 ڪيس سامهون آيا آهن، جڏهن ته ڪافي اهڙا ڪيس به آهن، جيڪي رپورٽ ئي نه ٿيندا آهن، اسان 43 ڪيس حل ڪيا آهن.
طارق وليد بلوچ شڪايت ڪندي چيو ته سرڪار طرفان کين ڪا به سهولت ناهي ملي رهي، جڏهن ته جيڪا بجيٽ ڏني وڃي ته اِها پگهارن ۾ ختم ٿيو وڃي.
سيف هائوس ۾ رضاڪاراڻي طور ڪم ڪندڙ ايڊووڪيٽ نصرت چيو ته جيڪا عمارت اسان کي ڏني وئي اها رهڻ لائق نه هئي، جڏهن ته عارضي طور تي عورتن جي کاتي کي هڪ ڪمرو ڏنو آهي، جيڪو اسان استعمال ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ ٻه بسترا آهن.
هن ٻڌايو ته کاڌي پيتي لاءِ عارضي باورچي خانو آهي، جنهن ۾ کاڌي پيتي جون ڪجهه ضروري شيون به آهن، فرج ۽ واشنگ ميشن آهي، ڪجهه مقامي غير سرڪاري تنظيمن ۽ سرندي وارن جي مهرباني آهي، جيڪي اسان جي مدد ڪري رهيا آهن، ڪڏهن ڪڏهن پوليس کي کاڌو ۽ چانهه به اسان ڏيندا آهيون.
نصرت چيو ته اسان جو هيلپ لائن نمبر 1094 آهي، جيڪو 24 ڪلاڪ ڪم ڪري ٿو ۽ اسان موڪلن جي ڏينهن ۾ به ڪم ڪندا آهيون، اسٽاف ۾ ٽي عورتون، هڪ جونيئر ڪلارڪ، هڪ نائب قاصد ۽ ٻه عورت آفيسرن سميت چار پوليس اهلڪار شامل آهن.
هن چيو ته اسان عدالتي خط ذريعي عورتن کي ٽن ڏينهن تائين هتي رهڻ جي اجازت ڏيون ٿا ۽ پوءِ عدالت فيصلو ڪندي آهي، جيڪڏهن آچر يا رات جو ڪو ڪيس سامهون اچي ٿو ته فوري طور تي لاڳاپيل ٿاڻي تي پڄندا آهيون، جنهن جي بنياد تي هتي رهڻ جي اجازت ڏني وڃي.
سندس چوڻ هو ته اسان ڪيترين ئي عورتن ۽ ڇوڪرين کي قانوني مدد پڻ فراهم ڪريون ٿا ۽ ڪيس مفت ۾ حل ڪريون ٿا، هتي عورتون به منشيات استعمال ڪنديون آهن، گذريل ڏينهن پوليس ٻن عورتن کي منشيات استعمال ڪندي پڪڙيو هو، جن کي بعد ۾ گهر موڪليو ويو هو.
هن ٻڌايو ته هتي پناهه وٺندڙ سڀئي عورتون خوش ٿي واپس گهر وڃن ٿيون پر انهن سمورن معاملن دوران قانوني گهرجن جو پورائو يقيني بڻايو ويندو آهي.
عورت فائونڊيشن جي ملاڪا خان چيو ته کيس سيف هوم ۽ دارالامان جي ايس او پي ۾ ڪو فرق نظر نٿو اچي، عورتن لاءِ ڪا به محفوظ جاءِ ناهي آهي.
هن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ٺٽي جي سيف هائوس جو دورو ڪيو، اتي انچارج جي ويهڻ جي به جاءِ ناهي، اوچتو ڪو به ڪيس اچي وڃي ته ان جي کاڌي پيتي جو بندوبست پوليس کي ڪرڻو پوندو آهي يا پنهنجا پئسا خرچ ڪرڻا پوندا آهن.
سماجي اڳواڻ زاهد فاروق پنهنجي تجويز ۾ چيو ته اسان ڇوڪرين ۽ عورتن سان ٿيندڙ زيادتين جي ڳالهه ته ڪندا آهيون پر مردن ۽ ڇوڪرن جي زيادتي جي ڳالهه نه ڪندا آهيون، اهو به هڪ سنگين مسئلو آهي، جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان حوالي سان اسان کي شعوري سوچ جو استعمال ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته ننڍي عمر ۾ شادي جي لاءِ اسان مولوي، پادري ۽ پنڊت کي آگاهي ڏئي سگهون ٿا ته هو پنهنجي واعظ ذريعي عوام کي آگاهي ڏئي سگهن.
عورت فائونڊيشن جي مهناز رحمان چيو ته ميرپورخاص جي مسئلن تي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ تعليم، صحت اهم آهن، حڪومت کي اهي مسئلا فوري بنيادن تي حل ڪرڻ گهرجن، جڏهن ته سرندي وارن سان به ان معاملي ۾ مدد لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.