ورلڊ ڪپ: ڏکڻ آفريقا سريلنڪا کي 102 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

دهلي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي چوٿين ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا سريلنڪا کي 102 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

دهلي ۾ سريلنڪا ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو ۽ ڏکڻ آفريقي بيٽرن ڪٽڪو ڏئي سريلنڪن بالرن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا.

ڏکڻ آفريقا طرفان ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ 100، وان ڊر ڊوسين 108، ايڊم مارڪرم 106 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ڊيوڊ ملر 39 ۽ ڪلاسن 32 رنسون ٺاهيون.

جواب ۾ سريلنڪن ٽيم 44.5 اوورن ۾ 326 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، چارٿ اسالانڪا 79، ڪوشل مينڊس 76، ڪپتان ڊاسن شناڪا 68 رنسن سان اڳڀرا رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.