احسان ماني قومي ٽيم کي ڀارت مان واپس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي اڳوڻي صدر ۽ پي سي بي چيئرمين احسان ماني چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ليڊرشپ ڏيکاري، جيڪڏهن پاڪستاني تماشائين ۽ صحافين کي ڀارت جون ويزائون جاري نه ڪيو ويو ته ڀارت خلاف ميچ کان اڳ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي واپس گهرايو وڃي.

هڪ انٽرويوءَ دوران احسان ماني چيوته اهڙين حالتن ۾ جتي ڀارت پاڪستاني تماشائين ۽ صحافين لاءِ نو گو ايريا بڻيل آهي، پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو ڀارت ۾ ورلڊ ڪپ کيڏڻ جو ڪو جواز نه آهي.

هن چيو ته پي سي بي کي بي سي سي آءِ جي اهڙي رويي جي سخت مذمت ڪرڻ ۽ ڀارتي سازش وائکي ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته ڪرڪيٽ ۾ سياست کي ڳنڍڻ درست نه آهي ڀارت اهڙيون حالتون پيدا ڪري آءِ سي سي ماهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، دنيا ۾ ڪائي ٽورنامينٽ تماشائين ۽ صحافين کانسواءِ نٿي ٿي سگهي.

هن وڌيڪ موجودا حالتن ۾ جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي ٽيم ڀارت مان واپس گهرائي ٿوته پي سي بي کي ڪو مالي نقصان نه ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.