آمريڪا اسرائيل جي مدد جو اعلان ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اسرائيل تي حماس جي حملي کانپوءِ آمريڪا جي بچاءَ واري کاتي پينٽاگون چيو آهي ته آمريڪا يقيني بڻائيندو ته اسرائيل وٽ پنهنجي دفاع جو سامان موجود هجي.
آمريڪا جي بچاءَ واري وزير لائيڊ آسٽن چيو آهي ته آمريڪا جو بچاءَ وارو کاتو ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته اسرائيل وٽ پنهنجي دفاع ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ ضروري دفاعي صلاحيت موجود هجي.
آمريڪا طرفان سرائيل تي حماس جي حملن جي مذمت به ڪئي وئي، آمريڪي قومي سلامتي ڪائونسل جي ترجمان اينڊرين واٽسن چيو ته دهشتگردي جو ڪو جواز ناهي، اسان اسرائيلي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.