پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم بابت ناڪاري بل بورڊ تي سنڌ جي راندين واري وزير جو ايڪشن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راندين واري وزير جنيد شاهه پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم بابت ناڪاري بل بورڊ جو نوٽيس وٺندي ان کي فوري طور هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
فوڊ چين طرفان قومي ڪرڪيٽ ٽيم بابت ناڪاري پيغام وارو بل بورڊ لڳايو ويو، جنهن تي راندين واري وزير نوٽيس وٺي ان کي فوري طور تي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ڊاڪٽر جنيد شاهه چيو ته فوڊ چين جو ڪرڪيٽ ٽيم بابت ناڪاري پيغام افسوسناڪ آهي، هن وقت ٽيم جو مورال بلند ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهڙي طريقي سان ٽيم جو حوصلو گهٽائڻ جو عمل برداشت نه ڪيو ويندو.

هن چيو ته عوام پنهنجي ڪرڪيٽ هيروز کي سدائين سپورٽ ڪندو آهي، عوام جي دل ڪرڪيٽ سان گڏ ڌڙڪندي آهي، اهڙي قسم جي بئنرن سان عوام جي دل آزاري ٿيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.