سياست ۾ ڊرامي کان وڌيڪ ڊرامو هوندو آهي: مائرا خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا ۽ ٽي وي ميزبان مائرا خان چيو آهي ته پاڪستاني سياست ۾ ڊرامي کان به وڌيڪ ڊرامو هوندو آهي، ان ڪري هن جي سياست ۾ ڪا به دلچسپي ناهي ۽ انهيءَ ڪري هن اڄ تائين ووٽ به ڪاسٽ ناهي ڪيو.

اداڪارا پنهنجي تازي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته جيتوڻيڪ شهرت حاصل ڪرڻ سولو بڻجي چڪو آهي پر هاڻي واري شهرت ۾ ايترو مزو ناهي، جيترو پي ٽي وي جي دور ۾ آيو هو.

سياست ۾ دلچسپي جي حوالي سان پڇيل سوال جو جواب ڏيندي مائرا خان چيو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته هوءَ اداڪارا نه هجي ها ته سياست ڪري ها يا نه؟

هن موجب هوءَ شروع کان ئي اداڪارا بڻجڻ چاهيندي هئي ۽ سندس سياست ۾ ڪا به دلچسپي ناهي، پر جيڪڏهن اتفاق سان هوءَ شوبز ۾ نه اچي ها ته پنهنجي هڪ نئين سياسي جماعت بڻائي ان جي سربراهه بڻجي وڃي ها.

ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي حوالي سان مائرا خان دعويٰ ڪئي ته هن اڄ تائين ڪنهن کي به ووٽ ناهي ڏنو.

هن اعتراف ڪيو ته جيتوڻيڪ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ هن جي آئيني ذميواري آهي پر کيس هيل تائين ڪو سٺو سياستدان نظر ئي ناهي آيو، ان ڪري هن ڪڏهن به ووٽ ڪاسٽ ناهي ڪيو.

ادڪارا پاڪستاني سياست تي ڳالهائيندي چيو ته کيس لڳندو آهي ته پاڪستاني سياست ۾ ڊرامي کان به وڌيڪ ڊرامو ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.