اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان حج پاليسي جو اعلان ٻن هفتن ۾ ڪيو ويندو، جنهن تحت پاڪستاني عورتون به مِحرم کانسواءِ حج ڪري سگھنديون.
مذهبي معاملن بابت وزارت جي ذريعن طرفان چيو ويو آهي ته حج پاليسي جو اعلان ٻن هفتن ۾ ڪيو ويندو ۽ حج پاليسي جي منظوري جلد وفاقي ڪابينا کان ورتي ويندي، جنهن تحت پاڪستاني عورتون به مِحرم کانسواءِ حج ڪري سگھنديون.
ذريعن موجب پاليسي جي منظوري کان فورن بعد حج درخواستن جي وصولي شروع ڪئي ويندي.