ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سپر اسٽار ماهره خان پنهنجي پراڻي دوست ۽ ڪاروباري شخصيت سليم ڪريم سان گڏ پنهنجي زندگيءَ جو هڪ نئون باب شروع ڪرڻ کان پوءِ ان کي پنهنجي زندگيءَ جو ڏکيو ۽ سولو فيصلو قرار ڏنو.
هلندڙ هفتي جي شروعات ۾ ماهره خان جي مئنيجر ۽ ڀاءُ سوشل ميڊيا تي مختصر وڊيو شيئر ڪندي اداڪارا جي شادي جي خبر ڏني هئي.
شادي کان پوءِ نه رڳو پاڪستاني فنڪار پر پاڙيسري ملڪن جا مداح پڻ ماهرا خان کي شادي جي مبارڪباد ڏئي رهيا آهن ۽ دعائن جو سلسلو به جاري آهي.
تازو ئي ماهره خان فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري شيئر ڪئي ۽ شادي جي خوشيءَ واري موقعي تي مليل پيار ۽ نيڪ خواهشن تي شڪريو ادا ڪيو.
ماهرا خان وڌيڪ لکيو ته مان توهان سان شادي جون مختلف تقريبون ۽ يادگيريون شيئر ڪنديس، ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ ۾ ٿوري سست آهيان مهرباني ڪري برداشت ڪريو.
هن پنهنجي پٽ اذلان ۽ مڙس سليم ڪريم جي لاءِ به دعائون گهريون ۽ لکيو ته اهو منهنجي زندگي جو مشڪل ترين پر سولو فيصلو هو، مان توهان سڀني سان تمام گهڻو پيار ڪريان ٿي، توهان سڀني جي مهرباني.