راڻيپور (رپورٽ: فياض حسين راڄپر ) راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ فوت ٿيل معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس۾ نامزد چار ئي جوابدار سخت سيڪيورٽي ۾ دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش، 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل ڪسٽڊي. خبر موجب راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ فوت ٿيل معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ نامزد چار جوابدار اسد شاھ، فياض شاھ، حنا شاھ ۽ امتياز ميراثي کي سخت سيڪيورٽيءَ ۾ خيرپور جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج چئني جوابدارن کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل ڪسٽڊي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پوليس چئني جوابدارن جي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي، پر عدالت 4 جوابدارن کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.