”پاڪستان افغان پناهگيرن خلاف نه غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف ڪارروائي ڪري رهيو آهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان افغان پناهگيرن خلاف نه پر غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪارروائي ڪري رهيو آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو هفتيوار بريفنگ ڏيندي چوڻ هو پاڪستان جي افغان پناهگيرن بابت پاليسي ۾ ڪائي ڦيرڦار ناهي ڪئي، پاڪستان ورهين کان کُلي دل سان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي.

هن چيو ته پاڪستان افغان پناهگيرن خلاف نه پر غيرقانوني پناهه گيرن خلاف آهي، پاڪستان افغان پناگيرن سميت غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف ڪارروائي ڪري رهيو آهي، پاڪستان افغان عبوري حڪومت سان ڳالهه ٻول جاري رکندو.

سندس چوڻ هو ته پاڪ-افغان گڏيل واپار بند ناهي ٿيو اِهي بي بنياد خبرون آهن، پاڪستان افغانستان ٽرانزٽ ٽريڊ جاري آهي، پاڪستان افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جو غيرقانوني استعمال روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.

هن ٻڌايو ته ٽرانس هماليا فورم جو آغاز جغرفيائي رابطي ۽ ماحولياتي تحفظ وڌائڻ لاءِ ڪيو ويو، نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ٽرانس هماليا فورم کي خاب ڪيو ۽ چيني هم منصب سان ملاقات پڻ ڪئي، ملاقات دوران سي پيڪ، گڏيل رابطن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ڪشمير مسئلي بابت سوال تي ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ هو ته ڀارتي قابض فوج جو ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلمن جو سلسلو جاري آهي، سپٽيبر دوران تيرنهن ڪشميرين کي قتل ڪيو ويو.

سندس چوڻ هوته ڀارت جنيوا ڪنونسن، گڏيل قومن جي انساني حقن بابت ٺهرائن جي سرعام ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، ڀارت پاڪستان خلاف مسلسل پروپئگنڊا ۾ ملوث آهي، ڀارت پاڻ پاڪستان ۾ دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.