ورلڊ ڪپ ۾ دهشتگردي جو خطرو، پاڪستان وڏو مطالبو ڪري ڇڏيو

 اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان احمد آباد ۾ دهشتگردي جي خطري بابت هلندڙ رپورٽن تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو هفتيوار بريفنگ ڏيندي چوڻ هو ميزبان مُلڪ اسان جي ڪرڪيٽ ٽيم کي عالمي ڪپ ۾ تحفظ فراهم ڪري، سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ڀارتي سرڪار جي ذميواري آهي.

پاڪستاني صحافين ۽ شوقينن کي ڀارتي ويزائون نه نلڻ بابت سندس چوڻ هو ته عالمي ڪپ ۾ پاڪستانين کي ويزائون جاري ڪرڻ لاءِ ڀارت سان رابطو ۾ آهيون.

پرڏيهي ترجمان چيو ته ڀارت راند کي سياست سان نه گڏائي ۽ ميزبان مُلڪ طور پاڪستاني مداحن کي عالمي ڪپ ڏسڻ ۾ رنڊڪون نه وجهي، اميد ڪيون ٿا ته پاڪستاني شوقينن کي عالمي ڪپ ڏسڻ لاءِ ويزائون جاري ڪيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.