پي ٽي آءِ چيئرمين جي نااهلي وارو معاملو، عدالت مان وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان توشا خانا ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن مان نااهلي وارو فيصلو معطل ڪرائڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو.

عمران خان نااهلي وارو فيصلو معطل ڪرائڻ لاءِ اسلام آباد ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن توشا خانا ڪيس ۾ سزا کانپوءِ نااهلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو.

درخواست ۾ گذارش ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي نااهلي جو نوٽفڪيشن توشا خانا ڪيس ۾ سزا جي بنياد تي جاري ٿيو انڪري اليڪشن ڪميشن مان جاري نااهلي ٿيل نااهلي وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو وڃي.

ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانا ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سزا معطل ڪري کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.