ايم ڊي ڪيٽ جا امتحان ٻيهر وٺڻ بابت اهم خبر!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايم ڊي ڪيٽ جي امتحان ۾ پيپر آئوٽ ٿيڻ واري معاملي تي جوڙيل جاچ ڪميٽي پاران شاگردن کان ٻيهر امتحان وٺڻ جي سفارش ڪرڻ جون خبرون هلڻ لڳيون آهن.

ڏهه سيپٽمبر ٻه هزار ٽيويهه تي ٿيل ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ دوران پيپر ليڪ ٿيڻ جي الزام ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي وئي هئي جنهن بابت خبرون اچي رهيون آهن ته جاچ ڪميٽي شاگردن کان ٻيهر امتحان وٺڻ جي سفارش ڪئي آهي.

ڪميٽي کي پيپر ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي مڪمل جاچ ڪرڻي هئي جنهن ۾ ڊين فيڪلٽي آف ميڊيڪل اينڊ الائيڊ سائنسز پروفيسر سيد مسرور احمد، سنڌ جي صحت کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري مولا بخش شيخ، ڪراچي ۾ پي ايم ڊي سي جي ريجنل آفيس جي ميمبر عليم الدين ۽ ايف آءِ اي سائبر ڪرائم جي ڊائريڪٽر جو ھڪ نامزد ميمبر ڪميٽي ۾ شامل هئا.

عوامي آواز پاران رابطو ڪرڻ تي جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي (جي ايس ايم يو) جي وائيس چانسلر پروفيسر امجد سراج چيو آهي ته ميڊيڪل جي شاگردن جي ٻيهر امتحان وٺڻ بابت يونيورسٽي کي اڃا تائين ڪو به آفيشل نوٽيفڪيشن ناهي مليو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.