يوڪرين کي هٿيار ڏيڻ تي پاڪستان پاڻ ڳالهائي سگھي ٿو: آمريڪا

واشنگٽن ڊي سي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي ترجمان جان ڪربي چيو آهي ته يوڪرين کي هٿيار فراهم ڪرڻ تي پاڪستان پاڻ به ڳالهائي سگھي ٿو.
واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جان ڪربي چيو ته سڄي دنيا جا ملڪ يوڪرين جي مالي، اخلاقي ۽ هٿيارن جي مدد ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته پاڪستان ڪا به مدد ڪئي آهي ته ان تي ڳالهائي سگھي ٿو ڪيترائي ملڪ يوڪرين جي مدد ڪرڻ تي عوام ڌيان ناهن چاهيندا.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا جو پي ٽي آءِ چيئرمين، وائيٽ هائوس جي ٻاهران پاڪستانين جي مظاهري سان واسطو ناهي، پي ٽي آءِ چيئرمين جو معاملو پاڪستان جو داخلي معاملو آهي ان معاملي تي پاڪستاني حڪومت ئي ڳالهائي سگھي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.