ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سموري مُلڪ ۾ پاسپورٽ آفيسز جي سسٽم اوچتو فني خرابي سبب ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، جنهن سبب درخواست گذارن جا تفصيل اَپ لوڊ ناهي ٿي سهگيا.
ذريعن موجب، سموري مُلڪ ۾ پاسپورٽ آفيسز جي سسٽم ۾ اوچتو فني خرابي پيدا ٿي وئي، جنهن سبب پاسپورٽ آفيسز ۾ ڪم رُڪي ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نادرا جي پاسپورٽ آفيس سان سلهاڙيل نظام ۾ فني خرابي پيدا ٿي، خرابي سبب سسٽم غيرفعال رهيو ۽ پاسپورٽ درخواست گذارن جا تفيصل اَپ لوڊ نه ٿي سگهيا.
فني خرابي سبب ڪراچي سميت سڄي مُلڪ تمام پاسپورٽ آفيسز ۾ ڪم متاثر ٿيو ۽ پاسپورٽ حاصل ڪرڻ لاءِ آيل شهرين کي تصوير ۽ بائيو ميٽرڪ کانپوءِ ڊگهي انتظار ڪرڻو پيو.
مُلڪ جي تمام پاسپورٽ آفيز ۾ ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪم رڪيل رهيو، جنهن سبب پاسپورٽ آفيس ۾ درخواست گذارن جون قطارون لڳي ويون ۽ کين سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو .
پاسپورٽ آفيسز ۾ بائيوميٽرڪ ۽ تصوير ڪڍڻ وارو عمل معمول موجب جاري رهيو.
ذريعن موجب، اسلام آباد ۾ سسٽم ۾ خرابي سبب ڊيٽا اَپ لوڊ ٿيڻ ۾ دير ٿي پر هنگامي بنيادن تي فني خرابي ختم ڪرڻ کانپوءِ پاسپورٽ سسٽم بحال ڪيو ويو آهي.