اهم خبر، هاڻ سرڪاري ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي ٿيندي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سرڪاري ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي شروع ڪئي وئي آهي، جنهن تحت پگهارن مان ماهوار 362.5 رپيا ساليانو چار هزار ٽي سئو پنجاهه رُپيا ڪٽوتي ٿيندي.

تفصيل موجب، صحت سهولت پروگرام لاءِ سرڪاري ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي شروع ڪئي وئي آهي ۽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب، سرڪاري ملازمن جي پگهارن مان ماهوار 362.5 رُپيا ڪٽوتي ۽ ساليانو 4350 رُپيا ڪاٽيا ويندا.

صحت سهولت پروگرام لاءِ ملازم جو پنجاب جو مستقل رهائشي هئڻ ضروري آهي، جيڪڏهن هڪ ئي گهر ۾ ٻه سرڪاري ملازم آهن ته ٻنهي جي پگهارن ۾ هڪ جيتري رقم ڪاٽي ويندي.

صحت سهولت پروگرام ذريعي ملازمن کي ساليانو ڏهه لک رُپين تائين جي علاج جي سهولت حاصل هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.