چمن بارڊر ڪراسنگ تي افغان محافظ جي پنڌ ويندڙن تي فائرنگ، ٻه پاڪستاني شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ – افغان سرحد چمن بارڊر ڪراسنگ تي افغان محافظ جي فائرنگ ۾ ٻه پاڪستاني شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪ – افغان سرحد تي باب دوستي تي مقرر افغان محافظ پاڪستان مان افغانستان ويندڙن تي فائرنگ ڪئي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته افغان محافظ بنا سبب پنڌ ويندڙن کي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 12 ورهين جي ٻار سميت ٻه پاڪستاني شهري شهيد ٿي ويا، جڏهن ته هڪ پاڪستاني ٻار زخمي به ٿيو.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪستاني فوجين مسافرن جي موجودگي تي صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪنهن وڏي نقصان کان بچڻ لاءِ ڪا فائرنگ نه ڪئي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته شهيدن جا مڙهه ڊي ايڇ ڪيو اسپتال چمن منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته زخمي ٻار جو علاج ڊي ايڇ ڪيو ۾ هلندڙ آهي.
بيان موجب افغان اختيارين سان جوابدار کي پڪڙي پاڪستاني اختيارين حوالي ڪرڻ ۽ اهڙي غير ذميوار قدم جو سبب ڄاڻڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر چيو اميد ته افغانستان جي عبوري حڪومت پنهنجي سيڪيورٽي اهلڪارن کي ڪنٽرول ڪندي ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ قدم کڻندي، پاڪستان هاڪاري ۽ تعميري ٻه طرفن لاڳاپن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
آءِ ايس پي آر موجب اهڙي قسم جي اڻ وڻندڙ واقعن سان سنيجده ڪوششن کي نقصان پهچي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.