ورلڊ ڪپ: شعيب ملڪ ڪهڙي رانديگر کي بهترين آپشن قرار ڏنو؟

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ گرين شرٽس جي هڪ رانديگر کي بهترين آپشن قرار ڏئي ڇڏيو.

آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي باظابطا شروعات خميس ڏينهن پنج آڪٽوبر کان انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ميچ کان ٿيندي، قومي ٽيم پنهنجي پهرين ميچ ڇهه آڪٽوبر تي نيڌرلينڊز خلاف کيڏندي.

اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ چيو آهي ته پاڪستان ٽيم سان سڀني جون اميدون جڙيل آهن، سعود شڪيل هڪ مين بيٽر طور بهترين آپشن آهي.

هن چيو ته پاڪستان ٽيم جيڪڏهن ست سئو رنسون ڏئي چڪي آهي ٻين ٽيمن خلاف پڻ ايتريون ئي رنسون ٺهيون آهن.

شعيب ملڪ چيو ته نسيم شاهه، حارث رئوف ۽ شاهين آفريدي جي جوڙي ٺهي چڪي هئي، بدقسمتي سان هاڻي نسيم شاهه اسڪواڊ ۾ نه آهي.

هن وڌيڪ چيوته هاڻي ٻين بالرن کي به موقعو ڏين گهرجي ته جيئن هو ايڊجسٽ ٿي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.