خراب فيلڊنگ جا طعنا ملڻ کانپوءِ حسن علي جي اهڙي فيلڊنگ جو سڀئي حيران ٿي ويا!

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا خلاف وارم اپ ميچ دوران بال کي نئين انداز ۾ روڪي حسن علي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.
حيدرآباد دکن جي راجيو گانڌي اسٽيڊيم۾ آسٽريليا خلاف وارم اپ ميچ دوران فاسٽ بالر حسن علي تيزيءَ سان بائونڊري ڏانهن ويندڙ بال کي منفرد انداز سان روڪيو، جنهن تي نه رڳو ساٿي ڪرڪيٽر خوش ٿيا پر ڪامينٽريٽر به تعريف بنا نه رهي سگهيا.
پهرين اننگز ۾ حارث رئوف جي بال تي آسٽريلوي بيٽر شاٽ کيڏيو ۽ بال تيزيءَ سان بائونڊري لائن ڏانهن وڃي رهيو هو ته حسن علي وڏي مهارت سان ان کي ڄنگهه جي مدد سان روڪي ورتو ۽ ٻه رنسون بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.