ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ بابت ڪو به اهم موقعو هجي ۽ چاهت فتح علي خان جو ترانو نه اچي، ائين ته ٿي ئي نٿو سگھي، ايشيا ڪپ ۽ پي ايس ايل کان پوءِ هاڻي پيش آهي آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جو ترانو جنهن کي ٻڌي اوهان پاڻ فيصلو ڪندئو ته ڀارتي ترانو وڌيڪ سٺو آهي يا وري چاهت فتح ميدان ماري ورتو آهي.
Aslaam O Alikum G
ICC Cricket World Cup 2023
Song ( released ) MashaAllah pic.twitter.com/r8EUNYs1o7— Chahat Fateh Ali Khan (@chahat_fateh) October 3, 2023
وڏي حد تائين چاهت فتح علي خان جي ڳائڻ جي انداز سان سوديبازي ڪندڙ سوشل ميڊيا واهپيدار هاڻ سندس سُرن تي ڪاوڙجڻ بدران مزو وٺڻ سکي ورتو آهي.
وڊيو ڏسندڙ واهپيدارن کيس ساراهيندي دل کولي مزاحيا تبصرا ڪيا آهن.