سري ديوي جي مڙس جو سندس موت بابت وڏو انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر بوني ڪپور زال سري ديوي جي موت کان پوءِ پاڻ تي لڳايل الزامن بابت پهريون ڀيرو ڳالهايو آهي.
ڀارتي ميڊيا کي تازي ڏنل انٽرويو ۾ بوني ڪپور 5 سالن بعد ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو آهي ته سري ديوي پنهنجي ڊائيٽ جي حوالي سان گھڻي حساس هئي ۽ ان جي ڪري هوءَ گھڻي بک ڪاٽيندي هئي ته جيئن سمارٽ رهي.
بوني ڪپور موجب انهيءَ جي ڪري سري ديوي پنهنجي صحت خراب ڪري ڇڏي هئي.
هن ٻڌايو ته اداڪارا جو موت طبعي نه پر حادثاتي هو، پر دبئي پوليس کان ڪلين چٽ وٺڻ لاءِ هن کي گھڻن مرحلن مان گذرڻو پيو.
بوني ڪپور ٻڌايو ته ڀارتي حڪومت جو ان ڪيس ۾ دبئي پوليس تي گھڻو دٻاءُ هو پر کين اندازو ٿي ويو هو ته مون طرفان ڪو به غلط ڪم نه ڪيو ويو هو.
واضح رهي ته 54 سالن جي ليجنڊ بالي ووڊ اداڪارا سري ديوي 2018ع ۾ دبئي جي هوٽل جي باٿ روم ۾ مُئل حالت ۾ ملي هئي جنهن کي حادثاتي موت قرار ڏنو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.