نان ڪسٽم پيڊ گاڏين خلاف به آپريشن جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ نان ڪسٽم پيڊ گاڏين خلاف ڪارروائين جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي هدايت تي ايف بي آر ۽ ايڪسائز کاتو نان ڪسٽم پيڊ گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ ۾ ڪارروائي نه ٿيڻ سبب نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون هڪ کان ٻئي صوبي يا ضلعي ۾ منتقل ڪيون وينديون هيون پر هاڻ اهو ممڪن نه هوندو.
ايف بي آر ۽ ايڪسائز کاتو گڏيل طور نان ڪسٽم پيڊ گاڏين خلاف ڪارروائي ڪندا، ايف بي آر سڀني ضلعن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي ڪارروائي ڪندو.
ذريعن موجب نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون ضبط ڪري ڪسٽم ڊيوٽي وصول ڪئي ويندي، جنهن سان اربين رپين جو ٽيڪس حاصل ٿي سگهندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نان ڪسٽم پيڊ گاڏين خلاف ايڪشن نه وٺندڙ ايڪسائز عملي خلاف به ڪارروائي ٿيندي، ماضي ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪارروائي نه ٿيڻ سبب نان ڪسٽم پيڊ گاڏين جا مالڪ بچي ويندا هئا پر هاڻ ائين نه ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.