رنبير ڪپور وڏي غلطي ڪري ويٺو، ڪيس ۾ طلب

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار رنبير ڪپور کي آن لائين سٽيبازي جي ڪيس ۾ انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ جاچ ايجنسي طلب ڪري ورتو.
ڀارتي ميڊيا موجب رنبير ڪپور کي انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ آن لائين سٽيبازي جي ڪيس جي سلسلي ۾ پڇا ڳاڇا لاءِ 6 آڪٽوبر تي طلب ڪيو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته رنبير ڪپور کانسواءِ گھٽ ۾ گھٽ 15 کان 20 مشهور شخصيتون جاچ ايجنسي جي اسڪينر جي وڪڙو ۾ آهن، جن ۾ پاڪستاني گلوڪار عاطف اسلم، راحت فتح علي خان، نيها ڪڪڙ، ڀارتي سنگهه، علي اصغر، ٽائيگر شروف ۽ سني ليوني سوڌو ٻيون ناليواريون شخصيتون شامل آهن.
مهاديو بُڪ ايپ، هڪ آئين لائين سٽي بازي جو پليٽ فارم آهي جنهن جي ڀارتي پوليس ۽ جاچ ايجنسي طرفان جاچ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته گذريل مهيني انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ جاچ ايجنسي آن لائين سٽيبازي ڪيس جي سلسلي ۾ ڀارتي 417 ڪروڙ رپيا ضبط ڪيا هئا.
جاچ ايجنسي موجب ڪمپني جي پروموٽر جو واسطو ڀارت سان آهي جڏهن گيمنگ ايپ جي مرڪزي هيڊ آفيس گڏيل عرب امارتن ۾ آهي جتان اها ايپ هلائي ويندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.