” هي ورلڊ ڪپ ويرات ڪوهلي جو آهي ۽ هو ثابت ڪري ڏيکاريندو“

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر وريندر سهواگ سهواگ ويرات ڪوهلي جي ورلڊ ڪپ ۾ بابر کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.

اڳوڻي ڀارتي اوپنر وريندر سهواگ عالمي ڪپ ۾ ٻن شاندار بيٽرن ويرات ڪوهلي ۽ بابر اعظم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو آهي.

اڳوڻي ڪرڪيٽر ڪرڪيٽ جي ٻن سپر اسٽارز جي ٽڪراءَ واري نڪتي تي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ ان بابت پنهنجو تجزيو پيش ڪيو.

وريندر سهواگ چيو ته سندس خيال ۾ ڪوهلي ايندڙ عالمي ڪپ ۾ بابر کي پوئتي ڇڏي سگهي ٿو.

بابر اعظم جي ساراهه ڪندي هن چيو ته  پاڪستاني ڪپتان باصلاحيت ڪرڪيٽر آهي هو گهڻيون رنسون ٺاهي سگهي ٿو پر ويرات ڪوهلي ۾ جيڪي رنسون ٺاهڻ جي شدت نظر اچي اِها ڪنهن ٻئي ۾ نظر نٿي اچي.

سهواگ چيو ته ڪوهلي جڏهن ميدان ۾ قدم رکندو آهي مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته سندس عمر 34 سال نه پر 20 يا 22 سال آهي.

هن چيو ته ڪوهلي انرجي سان ميدان ۾ لهندو آهي، کيس يقين آهي ته هو منهنجو عالمي ڪپ آهي ۽ مون کي اِهو ثابت ڪرڻو آهي.

هن نوٽ ڪيو ته بابر اعظم اڪثر پنهنجي ٽيم جي بيٽنگ ڪارڪردگي جو ٻوجهه پنهنجي ڪلهن تي کنيو آهي جڏهن ته ڀارتي ٽيم وٽ متوازن بيٽنگ لائين آهي جنهن ۾ ڪيئي بيٽرز اهم مدد فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.