افغانين خلاف ڪريڪ ڊائون، ڪراچي ۾ هڪ مهيني دوران ڪيتريون گرفتاريون ٿيون؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغانين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، پوليس 9 سيپٽمبر کان 3 آڪٽوبر تائين ڪارروائين ۾ 782 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو آهي.
پوليس هڪ مهيني جي ڪارروائين جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب ملير مان 135، ڪورنگي مان 114، اوڀر ضلعي مان 204 افغانين کي گرفتار ڪيو ويو.
اهڙي ريت اولهه ضلعي مان 58، سينٽرل مان 90، ڪياماڙي مان 126، سٽي مان 35 ۽ ڏکڻ ضلعي مان 20 افغان شهري گرفتار ڪيا ويا، سمورا افغاني غير قانوني طور رهندڙ هئا.
پوليس جو چوڻ آهي ته افغان شهرين خلاف فارن ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ڪجهه افغاني مختلف ڏوهن ۾ ملوث نڪتا آهن، انهن خلاف ڌار ڪيس به داخل ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.