ٻلين ۾ رات جو چمڪڻ جي صلاحيت هوندي آهي!

ٻليون اوندهه ۾ چمڪڻ جي صلاحيت رکنديون آهن.
اها حيران ڪندڙ دعويٰ آسٽريليا ۾ ٿيل هڪ تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
تحقيق موجب ٻلين سوڌو 125 قسمن جا جاندار الٽرا وائلٽ روشني ۾ چمڪڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
تحقيق دوران ڪيترن ئي جانورن ۾ ان جو مشاهدو ڪيو ويو ۽ اهو به دريافت ٿيو ته انساني جسم به اها صلاحيت رکي ٿو.
curtin يونيورستي جي سائنسدانن مماليه جاندارن جا نمونا ميوزيم مان حاصل ڪري الٽرا وائلٽ روشني ۾ انهن جو جائزو ورتو.
نتيجن مان خبر پئي ته گڏيل طور تي 125 قسمن جا جاندار الٽرا وائلٽ روشني ۾ چمڪندي نظر ايندا آهن.
محققن ٻڌايو ته اڃا اهو واضح ناهي ته مماليه جاندارن ۾ موجود ان صلاحيت جو ڪو به حياتياتي ڪردار هوندو آهي يا نه.
هنن چيو ته رات جو جاڳندڙ جاندارن ۾ اها صلاحيت گھڻي عام هوندي آهي ۽ انهن جي جسم مان نڪرندڙ روشني به وڌيڪ هوندي آهي.
سندن چوڻ هو ته اڃا اهو به واضح ناهي ته ائين ڇو ٿيندوآهي پر امڪاني طور تي ان سان جاندارن کي پنهنجن هم جنسن سان رابطي ۾ مدد ملندي آهي.
سائنسدانن 1911ع ۾ سڀ کان پهريان دريافت ڪيو هو ته انسان ۽ سيهڙ الٽرا وائلٽ شعاعن ۾ پنهنجي جسم مان روشني خارج ڪندا آهن.
ان کان پوءِ به ورهين کان ان حوالي سان تحقيقي ڪم ڪيو پئي ويو.
ان نئين تحقيق م سائنسدانن منجمد ۽ محفوظ مماليه جاندارن جي جسمن جو جائزو ورتو ويو.
نتيجن مان خبر پئي ته 47 قسمن جي جاندارن جي کَلَ مان اها روشني نڪرندي آهي خاص طور تي وات ۽ پيرن مان جڏهن ته 68 جا پنجا چمڪندا آهن.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل رائل سوسائٽي اوپن سائنس ۾ ڇپيل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.