ڪئپٽنز ڊي، روهت ۽ بابر جي گڏ اسٽيج تي انٽري، تصويرون وائرل

احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم ورل ڪپ ڪيپٽنز ڊي ۾ شرڪت لاءِ حيدرآباد کان خاص جهاز ذريعي احمد پهچي ويو .

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم حيدرآباد ۾ موجود آهي جتي قومي ٽيم پنهنجي پهرين ميچ ڇهه آڪٽوبر تي نيڌرلينڊ خلاف کيڏندي.

پاڪستان ٽيم ٻي ميچ به حيدرآباد ۾ ئي سريلنڪا خلاف ڏهه آڪٽوبر تي شيڊيول آهي.

ورلڈکپ میں پاکستان اور بھارت کا ٹاکرا 14 اکتوبر کو احمد آباد میں ہو گا. فوٹو سوشل میڈیا

ورلڊ ڪپ خميس پنج آڪٽوبر کان احمد آباد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کان شروع ٿيندو، اڳوڻي ڪپتان سچن ٽنڊولڪر  ٽرافي گرائونڊ ۾ کڻي ايندو ۽ ورلڊ ڪپ جي افتتاحي تقريب جو اعلان ڪندو.

افتتاحي تقريب کان اڳ اڄ قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم خاص جهاز ذريعي حيدرآباد دکن کان احمد آباد پهتو جتي ڪيپٽن ڊي شيڊيول آهي.

ڪيپٽنز  ڊي جي مناسبت سان ٿيل تقريب ۾ سڀ کان پهريان افغانستان ۽ نيڌرلينڊز جي ڪپتانن کي اسٽيج تي سڏايو ويو.

ان موقعي تي افغان ڪپتان حشمت الله شاهدي چيو ته هو سست نه پرجوش آهي، ورلڊ ڪپ کي انجواءِ ڪنداسين.

سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي ڪپتانن کي گڏ اسٽيج تي سڏايو ويو ۽ ٻنهي ڪپتانن جو چوڻ هو ته اسان پاڻ ۾ دوست آهيون مخالف نه.

اهڙي طرح ڏکڻ آفريڪا ۽ آسٽريليا جي ڪپتانن کي به گڏ اسٽيج تي سڏايو ويو.

پاڪستان جي ڪپتان روهت شرما ۽ ميزبان ٽيم ڀارت جي ڪپتان روهت شرما ٻئي گڏ اسٽيج تي پهتا.

ان موقعي تي بابر اعظم چيو ته اسان کي بلڪل به نه لڳو ته اسان ڀارت ۾ آهيون، اسان کي محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ پاڪستان ۾ آهيون.

هن چيو ته اسان کي اهڙي شاندار آجيان جي اميد نه هئي، حيدرآباد ۾ اسان جو تمام زبردست استقبال ڪيو ويو.

ڀارتي ڪپتان روهت شرما چيو ته ڀارتي ٽيم جي قيادت ڪرڻ فخر جوڳي ڳالهه آهي ۽ عالمي ڪپ کٽڻ لاءِ  ڀرپور محنت ڪنداسين.

هن وڌيڪ چيو ته ميزبان ٽيم جي ماضي ۾ کٽڻ بابت نه پيو سوچيان، ورلڊ ڪپ ڏکيو ايونٽ آهي، انجواءِ ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.