ماهرا خان کي ثانيا مرزا ۽ ڀارتي اداڪارائن جا پيار ڀريا پيغام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان جيڪا نه رڳو پاڪستان پر ڀارت ۾ به مشهور آهي، سندس شادي تي ڀارتي اداڪارائن بههن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.
ماهرا خانجي شادي ٻه آڪٽوبر تي هن جي پراڻي دوست سليم ڪريم سان ٿي، شادي جون تصويرون ۽ وڊيوز اداڪارا گذريل ڏينهن پنهنجي انسٽاگرام تي شيئر ڪيون.
انهن تصويرن تي جتي پاڪستاني اداڪار عمران عباس، بلال قريشي سوڌو اداڪارائن مايا علي، يعنيٰ زيدي، سجل علي، حرا ماني، مريم نفيس ۽ ٻين تبصرا ڪياآهن اتي ئي ڀارت جي اڳوڻي ٽينس اسٽار ۽ شعيب ملڪ جي زال ثانيا مرزا ۽ بالي ووڊ اداڪارائن به ڪمينٽس ڪيا.
ثانيا مرزا دل يعني محبت وارن ايموجيز سان ماهرا خان کي سندس شادي جي مبارڪ پيش ڪئي.
ان کانسواءِ اداڪارا سونم ڪپور به ماهرا جي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪيو ۽ لکيو ته ”مبارڪ هجئي پياري ڇوڪري، خدا اوهان ٻنهي تي پنهنجون رحمتون نازل ڪري“.
ڀارتي اداڪارا زرين خان به ماهرا خان کي سندس شادي تي مبارڪباد پيش ڪئي.
بالي ووڊ اداڪارا موني راءِ به ڪمينٽ ڪيو ۽ لکيوته اوهان ٻنهي کي منهنجي دل جي گھرائين سان مبارڪ هجي، خدا ڪري اوهان جي زندگي جو اڳتي جو سفر خوبصورت هجي.
سونم ڪپور جي ڀيڻ ناليواري پروڊيوسر ريا ڪپور به ماهرا جي تصوير ۽ وڊيو تي تبصرو ڪيو ۽ اداڪارا کي مبارڪ ڏيڻ سان گڏ هن جي تصوير کي خوبصورت قرار ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.