ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ شهر جي پبلڪ پارڪس ۽ پلي گرائونڊز ۾ داخلا ۽ پارڪنگ فيس وصولي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
ڪراچي ۾ پبلڪ پارڪس ۽ پلي گرائونڊز ۾ داخلا ۽ پارڪنگ فيس وصولي خلاف درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران قائم مقام چيف جسٽس عرفان سعادت چيو ته شهري حڪومت جي ادارن سڀني کي بي وقوف بڻائي رکيو آهي، اسان پبلڪ پارڪس ۽ پلي گرائونڊز ۾ ڪمرشل ڪم نه ٿيڻ ڏينداسين.
ٻڌڻي ۾ درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ پبلڪ پارڪس ۽ پلي گرائونڊز ۾ داخلا فيس ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن تي عدالت ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز ۽ ٻين ادارن تحت هلندڙ پارڪس ۽ پلي گرائونڊز جا تفصيل طلب ڪري ورتا.
عدالت چيو پبلڪ پارڪس جيڪڏهن ڪنهن کي ليز تي ڏنا ويا آهن ته ان جي به فهرست پيش ڪئي وڃي.
ان دوران ڪي ايم سي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪي ايم سي نو پرافٽ نو لاس تي ڪم ڪري رهيو آهي، اسان پارڪس ۾ داخلا فيس معطل ڪري ڇڏي آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ڪراچي ۾ پبلڪ پارڪس ۾ داخلا ۽ پارڪنگ فيس وصولي تي ڪاوڙ جو اظهار
You might also like