ميهڙ: مقتول غلام رسول چانڊيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پنجين ڏينهن به بک هڙتال

ميهڙ ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل غلام رسول چانڊيو جي وارثن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پنجين ڏينهن به احتجاج ڪري بک هڙتال جاري رکي وئي
مقتول جو ڪيس وارثن بدران سرڪاري فرياد تي سندن مرضي جي ابتڙ داخل ڪرڻ خلاف مردن، عورتن توڙي مقتول جي نياڻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو
ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙ نياڻين جو چوڻ هو ته اسان جي پيءُ جي قتل ۾ پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻو صوبائي وزير نادر مگسي ملوث آهي، پوليس ڪيس ۾ ان جو نالو شامل نه پئي ڪري
هنن چيو ته پوليس اسان جي اچڻ بنا ئي ڪيس داخل ڪيو آهي، هن وقت تائين ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ڪيو ويو.
مظاهرين مطالبو ڪيو ته مقتول جي قتل جي ايف آءِ آر سندن مرضي موجب ڪاٽي اصل جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي
احتجاج دوران مقتول جون نياڻيون پاڪ ڪتاب کڻي روئنديون پنهنجي پيءُ جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪنديون رهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.