ڪنڌڪوٽ ۾ هٿياربندن هٿان اغوا ٿي ويل صحافي جي پٽ ۽ سندس عزيز جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو ويو
اي سيڪشن ٿاڻي جي حد هيبت روڊ وٽان اغوا ٿيل صحافي غفار منگي جي پُٽ نصيب الله ۽ سندس عزيز جي بازيابي لاءِ مسعود سومرو، پير بخش بنگوار، لياقت کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو
ان موقعي تي اڳواڻن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس صحافي جي اغوا ٿيل پُٽ ۽ سندس عزيز کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي سندن وارث پريشان آهن
مظاهرين ايس ايس پي روحل کوسو ۽ ٻين کان مطالبو ڪندي چيو ته صحافي جي پٽ ۽ سندس عزيز سميت ٻين مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي
You might also like