اسڪولن ۾ موبائل فون جي استعمال تي مڪمل پابندي

لنڊن: (ويب ڊيسڪ) برطانوي اسڪولن ۾ موبائل فون جي استعمال تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب برطانوي تعليم واري وزير گلين ڪيگن چيو آهي ته اسڪولن ۾ موبائل فون جي استعمال تي پابندي جو مقصد شاگردن جي رويي کي بهتر بڻائڻ آهي.

شاگرد وقفي دوران به موبائل فون استعمال نه ڪري سگهندا.

هن چيو ته حڪومت چاهي ٿي ته شاگرد اسڪولن ۾ تعليم تي ڌيان ڏين.

ان جو مقصد شاگردن کي تدريسي سرگرمين دوران پريشان ٿيڻ کان روڪڻ آهي.

ياد رهي ته گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف  ڪيو ويو آهي ته پڙهائي دوران موبائيل فون جو استعمال شاگردن جي ڪارڪردگي ۽ صلاحيت کي متاثر ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.