اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي پهرين نومبر جي ڊيڊ لائن ڏني وئي آهي ته اهي پنهنجي وطن واپس وڃن ۽ ان کانپوءِ نه ويندڙن کي ڊي پورٽ ڪيو ويندو.
ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ نيوز بريفنگ ۾ سرفراز بگٽي چيو ته پاڪستان اڪيلو ملڪ آهي، جتي پرڏيهي پاسپورٽ بنا به اچي ويندا آهن، پهرين نومبر کان ويزا ۽ پاسپورٽ بنا ڪو به پاڪستان ۾ داخل نه ٿي سگهندو.
هن چيو ته سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ ۾ وڏيون بي ضابطگيون هيون، پاڪستان ۾ هن وقت افغان شهرين جو انگ 44 لک جي لڳ ڀڳ آهي، 44 لکن مان 14 لک جي لڳ ڀڳ افغان شهري رجسٽرڊ آهن، پهرين نومبر کان غير قانوني طور رهندڙن جي گرفتارين لاءِ قدم کڻنداسين.
سندس چوڻ هو ته هڪ ويب پورٽل ٺاهي رهيا آهيون، جنهن ذريعي عوام اسان سان سڌي ريت ڄاڻ شيئر ڪندو، سمگلنگ ۽ غير قانوني سرگرمين جو اطلاع ڏيندڙ جو نالو راز ۾ رکيو ويندو، سمگلنگ ۽ ذخيري اندوزي جي روڪٿام لاءِ چيڪ پوسٽون ٺاهيون ويون آهن.
نگران گهرو وزير چيو ته غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين جون ملڪيتون ضبط ڪيون وينديون، پهرين نومبر کان ٽاسڪ فورس غير قانوني پراپرٽيز خلاف ڪارروائي ڪندي، غير قانوني سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙ جي نشاندهي ڪندڙ کي انعام ڏنو ويندو.
سرفراز بگٽي چيو ته 24 مان 14 حملن ۾ افغاني ملوث هئا، ڪنهن کي بندوق جي زور تي ايجنڊا مڙهڻ نه ڏينداسين، رياست مظلومن سان گڏ بيٺي هوندي.
Next Post
You might also like