ڪي اليڪٽرڪ طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر اوچتو بجلي جي وڏي بريڪ ڊائون سبب ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جا سمورا پمپ به بند ٿي ويا.
ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي ڪي اليڪٽرڪ طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر اوچتو بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون ٿيو.
واٽر بورڊ ڪارپوريشن ترجمان ٻڌايو ته ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي سڀني فيڊرن جي بجلي مڪمل طور بند ٿي وئي آهي.
ترجمان ٻڌايو ته بريڪ ڊائون سبب هڪ ئي وقت ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جا سمورا پمپ به بند ٿي ويا، بجلي بريڪ ڊائون صبح 6 وڳي ٿيو، جنهن سبب پاڻي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.