چانهه جي عادي ماڻهن کي خوش ڪندڙ تحقيق، ماهرن وڏا فائدا ٻڌائي ڇڏيا

ڇا توهان کي چانهه پيئڻ پسند آهي؟ جيڪڏهن ها ته اها عادت شگر ٽائپ 2 جهڙي مرض کان بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.
اها ڳالهه هڪ نئين تحقيق ۾ سامهون آئي.
آسٽريليا جي ايڊيليڊ يونيورسٽي ۽ چين جي سائوٿ ايسٽ يونيورسٽي جي ان گڏيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته روز بنا کير جي چانهه پيئڻ سان بلڊ شگر جي سطح کي مستحڪم رکڻ ۽ شگر ٽائپ 2 کان بچڻ ۾ مدد ملي ٿي.
ان تحقيق ۾ 20 کان 80 سالن جي عمر جي لڳ ڀڳ ٻه هزار ماڻهن کي شامل ڪيو ويو هو، جن ۾ 436 شگر، جڏهن ته 352 هاءِ بلڊ شگر جا مريض هئا.
انهن ماڻهن کان چانهه پيئڻ جي عادت بابت پڇيو ويو، جيئن اهي روز ڪيترا ڪوپ چانهه پيئندا هئا يا سائي، ڪاري يا ڪهڙي قسم جي چانهه پيئڻ پسند ڪندا هئا.
نتيجن سان خبر پئي ته جيڪي ماڻهو روز چانهه پيئندا آهن، انهن هاءِ بلڊ شگر يا pre-diabetes جو خطرو 53 سيڪڙو گهٽجي ويندو آهي، جڏهن ته شگر ٽائپ 2 سان تاثر هجڻ جو امڪان 47 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندو آهي.
تحقيق موجب عمر، جسماني وزن ۽ زندگي جي عادتن کي نظر ۾ رکڻ تي به چانهه کي شگر کان تحفظ لاءِ بهترين دريافت ڪيو ويو.
ان کان اڳ ڪيترين ئي تحقيقي رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چانهه پيئڻ سان دل جي رڳن جا جڙيل مرضن جو خطرو گهٽ هوندو آهي.
نئين تحقيق ۾ شامل ماهرن چيو ته نتيجن سان خبر پئي ته ڪاري چانهه پيئڻ جي عادت سان بلڊ شگر ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي.
هنن ٻڌايو ته چانهه پيئڻ سان پيشاب رستي کنڊ خارج ٿيڻ جو عمل وڌي ويندو آهي، انسولين جي مزاحمت بهتر ٿيندي آهي ۽ بلڊ شگر کي ڪنٽرول ڪرڻ آسان ٿي ويندو آهي.
تحقيق ۾ اهو ته نه ٻڌايو ويو ته شگر کان تحفظ لاءِ روز ڪيترا ڪوپ چانهه پيئڻ گهرجي پر اهو واضح آهي ته روز ان جي استعمال سان موتمار مرضن جو خطرو گهٽ ٿيندو آهي.
ان تحقيق جا نتيجا يورپين ايسوسيئيشن فار دي اسٽڊي آف Diabetes جي سالياني اجلاس جي موقعي تي پيش ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.