پيرس (ويب ڊيسڪ) پيرس فيشن ويڪ جي ريمپ تي بالي ووڊ اسٽار ايشوريا راءِ بچن جي جلون ٿرٿلو مچائي ڇڏيو ۽ ايونٽ جون ڪيتريون ئي وڊيوز ۽ تصويرون وائر ٿي ويون آهن.
ڀارتي اداڪارا خصوصي ايونٽ لاءِ خاڪي ۽ سهونهري رنگ جو لباس ۽ ڪيپ پهري ۽ لباس جي رنگ جي مناسبت سان هن پنهنجن وارن کي رنگ ڪيو.
جڏهن هوءَ جڳ مشهور فيشن ويڪ جي ريمپ تي واڪ لاءِ آئي ته هن مخصوص مُرڪ اکين جي اشاري ۽ ناظرين لاءِ ڪس جي اسٽائل مداحن جون دليون کٽي ورتيون.
Aishwarya and viola holding hands 😍😻 I won 🙌 @violadavis #AishwaryaRaiBachchan #AishwaryaRai pic.twitter.com/sJuAeacSvR
— AISHWARYA RAI BACHCHAN 💙 (@my_aishwarya) October 1, 2023
فيشن ويڪ جي موقعي تي ايشوريا کي ٻين مشهور شوبز شخصيتن ڪينڊل جينر، ايوا لونگوريا، ڪيملا ڪابيلو ۽ ٻين سان گڏ ڏسي سگھجي ٿو.
Good morning to pariswarya and pariswarya only!pic.twitter.com/7w9RccEYeB
— grathie lethbian (@silamsiva) October 1, 2023
واضح رهي ته ادڪارا تازو ئي مني رتنم جي فلم ”پونين سيلوين 2“ ۾ نظر آئي هئي جيڪا هڪ تاريخي ناول تي ٻڌل آهي.