روس مان تيل جو ٻيو ڪارگو پاڪستان پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) روس مان هڪ لک ميٽرڪ ٽن ڪچي تيل جو ٻيو گارڪو پاڪستان پهچي ويو.
ذريعن موجب روس جو ٻيو ڪچي تيل جو ڪارگو پاڪستاني ريفائنري سنر جيڪو درآمد ڪيو، ڪچي تيل کي ايس پي ايم ذريعي اونهي سمنڊ ۾ آف لوڊ ڪيو ويو، سنر جيڪو نجي شعبي ۾ روس کان ڪچو تيل درآمد ڪندڙ پهرين ڪمپني آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ان کان اڳ روس کان هڪ لک ٽن ڪچي تيل جو آرڊر ڏنو هو، روس کان ڪچي تيل جو پهريون گارڪو اپريل ۾ پاڪستان پهتو هو، پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ روسي ڪچي تيل جو پهريون ڪارگو حاصل ڪيو هو.
ذريعن موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن، پاڪستان هلندڙ سال روس کان روز هڪ لک بيرل تيل درآمد ڪرڻ چاهي ٿو.س

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.