لاهور ۾ اداڪارا جي گھر تي حملو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي علائقي جوهر ٽائون ۾ اسٽيج اداڪارا ارم چوڌري جي گھر تي اڻڄاتل هٿياربند انڌا ڌند فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا.

لاهور جي علائقي جوهر ٽائون ۾ اسٽيج اداڪارا پوليس کي ون فائيو تي پنهنجي گھر تي ٿيل فائرنگ جي حوالي سان آگاهه ڪيو جنهن کان پوءِ پوليس جي وڏي نفري ٿڏي تي پهچي وئي.
پوليس موجب ارم چوڌري جي گھر ٻاهران بيٺل گاڏي ۽ اندروني شيشي تي ٻه، ٻه گوليون جڏهن ته اندرين ڀت تي هڪ گولي لڳل هئي.
پوليس موجب گولين جي پنج کول هٿ ڪري ورتا آهن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سي سي ٽي وي فوٽيجز قبضي ۾ وٺي ڇڏيا آهن.
فوٽيجز مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته اڇي رنگ جي نمبر کانسواءِ گاڏي تي اڻڄاتل ماڻهو آيا ۽ گھر تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.