ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپني ڪي-اليڪٽرڪس انڪم ٽيڪس فائلرز جي لاءِ هڪ بهترين مالياتي ترغيب جو اعلان ڪيو آهي. جنهن جو مقصد شهرين جي بجلي جي بلن مان ايڊوانس انڪم ٽيڪس کي ختم ڪري، گڏيل يوٽيلٽي خرچن کي هاڪاري انداز ۾ گهٽائي انهن تان مالي دٻاءَ کي گهٽائڻ آهي. جنهن لاءِ اهليت جو معيار به اعلانيو ويو آهي.
ان خاص قسم جي آڇ مان فائدو ماڻڻ لاءِ واهپيدارن کي لڳاتار بنيادن تي پنهنجي انڪم ٽيڪس ادا ڪرڻي پوندي ۽ ان ڳالهه کي به يقيني بڻائڻو پوندو ته انهن جي بجلي جي بل جي ايڊريس ۽ شناختي ڪارڊ واري ايڊريس ساڳئي هوندي. اهڙي عمل کي پريشانين کان بچائڻ لاءِ، واهپيدارن جي حوصلا افزائي لاءِ انهن کي ڪي اليڪٽرڪ جي ويب سائيٽ تي رجسٽرڊ ٿيڻو پوندو ۽ ايڊوانس ٽيڪس معافي جي درخواست ڏيڻي پوندي. جنهن سان انهن جي بجلي جي بلن ۾ وڏي حد تائين گهٽائي اچي ويندي.
ڪي اليڪٽر ترجمان بجلي جي وڌندڙ اگهن جي مسئلي کان پريشان شهرين جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ ڪمپني جي عزم تي زور ڏنو. جيتوڻيڪ اهو جاچڻ به ضروري آهي ته ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي جي نرخ ۽ ٽيڪس مقرر ڪرڻي جو ڪو به اختيار ناهي اهڙا فيصلا ريگيوليٽري اٿارٽي وٽ هوندا آهن.
ڪي اليڪٽرڪ جي عملي سان اڻوڻندڙ تازن واقعن جي جواب ۾ ڪمپني جي ترجمان پنهنجو موقف واضح ڪيو ته ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي ملازمن تي حملو ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي جو حق محفوظ رکي ٿي. پنهنجي ملازمن ۽ ميمبرن جي حفاظت ۽ بهبود پهرين ترجيح آهي.
واهپيدارن کي اها به خبر هئڻ گهرجي ته نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ۽ توانائي واري وزارت اهڙي فيصلن جي مقرري جا ذميوار آهن. بجلي ورهائيندڙ ڪمپنيون جهڙوڪ ڪي اليڪٽرڪ جو بجلي جي بلن تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ تي ڪو به اثر ناهي هوندو. بنا رنڊڪ جي بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ واهپيدارن تي زور ڏنو پيو وڃي ته اهي پنهنجا بجلي جا بل فوري طور تي ادا ڪري ڇڏين.