ٽنڊو الهيار (نمائيندو عوامي آواز) ٽنڊو الهيار ۾ تيز رفتار ڊمپر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت ۽ 1 زخمي ٿي پيو.
پيارولنڊ روڊ جمالي موڙ لڳ تيز رفتار ڊمپر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ شير خان لنڊ جو رهواسي 24 ورهين جو پرويز لنڊ ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته 2 ڄڻا جمن ۽ ساجد لنڊ سخت زخمي ٿي پيا.
پوليس ۽ علائقي واسين فوتي جي لاش ۽ زخمين کي کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو جتي پرويز لنڊ به زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس ڊمپر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته ڊمبر ڊرائيور فرار ٿي ويو.