ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي اسٽار آل رائونڊر شاهد آفريدي قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي ورلڊ ڪپ ۾ جارحاڻو انداز اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي.
پنهنجي بيان ۾ شاهد آفريدي چيو ته سڄي قوم بابر اعظم کي سپورٽ ڪري رهي آهي، ڪپتان جي سڄي ايونٽ ۾ جارحاڻي باڊي لينگويج هجڻ گهرجي، توهان کي دٻاءَ ۾ ناهي رهڻو، ڇو ته دٻاءُ سنڀالڻ سڀ کان اهم هوندو آهي.
هن چيو ته موجوده ٽيم جي رانديگرن کي ڀارت ۾ کيڏڻ جو تجربو ناهي، کين ڪنڊيشنز کان هم آهنگ ٿيڻ ۾ وقت لڳندو.
سندس چوڻ هو ته اعليٰ عهديدار ڪپتان سان ڳالهه ٻولهه ڪن ۽ کيس اعتماد ڏيارين، مڪي آرٿر ۽ انضمام الحق اتي موجود آهن، جيڪي اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
Prev Post
You might also like