ن ليگ جو بيانيو تبديل، مزاحمت نه مفاهمت جي پاليسي اختيار ڪئي ويندي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءَ جي پاليسي کان پاسو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب ن ليگ جي اعليٰ قيادت جي لنڊن ۾ ٿيندڙ اجلاسن ۾ اڳتي لاءِ پارٽي بيانيي جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا، شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار لنڊن ۾ نواز شريف سان اهم ملاقاتون ڪيون.
پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف سان ڏيهه واپسي ۽ اڳتي جي حڪمت عملي تي شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار اهم مشاورت ڪئي، ليگي قيادت جي ڪجهه اهم گڏجاڻين ۾ مريم نواز به شريڪ ٿي.
پارٽي ذريعن موجب گڏجاڻين ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ن ليگ جو بيانيو مزاحمت نه مفاهمت هوندو، پارٽي مستقبل ۾ معاشي ايجنڊا تي ڌيان ڏيندي، ن ليگ جي پهرين ترجيح پاڪستان جي معيشت بهتر ڪرڻ هوندي.
گڏجاڻين ۾ اتفاق ڪيو ويو ته اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءَ جي پاليسي کان پاسو ڪيو ويندو، پاڪستان جي وڏن مسئلن جي حل لاءِ گڏجي هلڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.
ن ليگ جو سينيئر اڳواڻ اسحاق ڊار لنڊن کان پاڪستان روانو ٿي ويو آهي، پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته اسحاق ڊار دبئي کان ٿيندي پاڪستان پهچندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.