جماعت اسلامي نٿي چاهي ته ڪراچي پنهنجي پيرن تي بيهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته جماعت اسلامي نٿي چاهي ڪراچي پنهنجي پيرن تي بيهي، جماعت اسلامي اسان کي ٽيڪس گڏ نه پئي ڪرڻ ڏئي.
ڪراچي ۾ تقريب سان خطاب ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته اهي روز پريس ڪانفرنس ۾ مايوسي کي هٿي ڏئي رهيا آهن، اهي نٿا چاهين ته ڪراچي پنهنجي پيرن تي بيهي، ناڪاري شين کي هاڪاري شين ۾ تبديل ڪنداسين ۽ ڪوتاهيون ختم ڪنداسين.
هن چيو ته شهرين کي وڌ کان وڌ تفريحي سهولتون فراهم ڪنداسين، ڪراچي چڙيا گهر کي عالمي معيار تائين آڻڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪم ڪرڻو آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان تنقيد کي به هاڪاري وٺندا آهيون، اسان ڪچري مان بجلي ۽ گئس پيدا ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهيون، بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
مرتضيٰ وهاب موجب نٿو چوان ته مون وٽ اختيار ناهن، اسان پاڻي مافيا خلاف ڪارروائي شروع ڪئي آهي، اسان مافيا جو حصو ناهيان ۽ مافيا کي هلڻ نه ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.