ڪراچي(عوامي آواز نيوز) پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شازيا عطا مري ٽوئيٽر تي لکيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران تڪ بندين ۾ سانگهڙ ضلعي جي نئين تڪ بندي حيران ڪندڙ آهي، قومي اسيمبلي جون 3 سيٽون گهٽ ڪري ٻه ڪيون ويون ۽ هڪ صوبائي سيٽ به گهٽ ٿي وئي آهي، هن چيو ته لڳي ٿو ته ڪنهن جي فرمائش پوري ڪرڻ ۾ سانگهڙ کي ان جي جائز سيٽن کي محروم ڪيو ويو،ان تي اپيل ۾ وينداسين