ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اينگرو هڪ وڏي ڪارپوريشن آهي جنهن جو هيڊ ڪوارٽر ڪراچي ۾ آهي، اينگرو جون ڪيتريون ئي شاخون آهن جن ۾ توانائي، ڀاڻ، ڪيميڪل ۽ ٻيا شعبا شامل آهن.
چيو ويندو آهي ته اينگرو کي سنڌ حڪومت جو سهڪار آهي ۽ اينگرو پاران سرڪار جي سهڪار سان پراجيڪٽ هلايا ويندا آهن.
اينگرو ۽ سنڌ حڪومت سولر ونڊ پارڪ, ڪول مائننگ ڪمپني، حبڪو ۽ تعليم جي شعبي ۾ به پراجيڪٽ هلايا.
اينگرو جو هڪ پاور پلانٽ ٿرپارڪر ۾ ڪم ڪري رهيو آهي جنهن لاءِ جيتوڻيڪ ان کي اينگرو پاور پلانٽ چيو وڃي ٿو پر اهڙي پلانٽ جي سئو سيڪڙو ادائيگي سنڌ حڪومت ڪئي ۽ پراجيڪٽ کي اينگرو جو نالو ڏنو ويو آهي.
اهڙي دعويٰ نامياري صحافي رضي دادا ڪئي وئي آهي.
هن چيو آهي ته پلانٽ لڳائڻ لاءِ ادائيگي سنڌ حڪومت ڪئي هئي ۽ جڏهن ته پلانٽ ٺهي راس ٿيو ته ان کي اينگرو جو نالو ڏنو ويو.
هاڻي رڳو نالو استعمال ڪرڻ تي اينگرو ان مان 50 سيڪڙو حصو حاصل ڪري ٿو ۽ ٻيو 50 سيڪڙو ڪيڏانهن وڃي ٿو اهو هڪ سوال آهي.
سينيئر صحافي رضي دادا جو چوڻ آهي ته اينگرو کي پراجيڪٽ لاءِ ادائيگي به سنڌ حڪومت ڪئي آهي جڏهن ته اينگرو رڳو نالو استعمال ڪري رهيو آهي ۽ رڳو نالي جي استعمال تي 50 سيڪڙو حصو حاصل ڪري رهيو آهي.
صحافي موجب سوال پيدا ٿئي ٿو ته اينگرو جو 50 سيڪڙو حصو ڪير کڻي رهيو آهي؟