ڪراچي: مزدورن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن پاران احتجاجي تحريڪ جو اعلان

مزدورن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن جي اڳواڻن چيو آهي ته فيڪٽريون ۽ ڪارخانا پيسا ٺاهڻ جون مشينون بڻجي ويا آهن جڏهن ته ملڪ ۾ ساڍا 9 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ فاڪاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر ڪراچي به پاڻي جي نعمت کان محروم آهي جڏهن ته اشرافيا جاگيردار، سرمائيدار ۽ بيوروڪريسي سميت واپاري به عوام سان دوکو ڪري رهيا آهن.

نيشنل ٽريڊ يونين فيڊڙيشن اڳواڻ رفيق بلوچ ۽ ناصر منصور، شهري عوامي محاذ اڳواڻ ڪامريڊ گل رحمان، سائيٽ ليبر فورم جي اڳواڻ رياض عباسي، آلٽرنيٽ تنظيم جي اڳواڻ عاقب حسين، همٿ علي ڦلپوٽو ۽ زهرا خان ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي.

هنن خدشو ظاهر ڪيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ 2 ڪروڙ ماڻهو غربت ۾ مبتلا ٿي ويندا.

اڳواڻن مهانگائي خلاف ڊگهي احتجاج جو اعلان ڪيو جنهن ۾ پهرين آڪٽوبر کان 9 آڪٽوبر تائين ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا جڏهن ته 15 آڪٽوبر تي مهانگائي خلاف ريگل چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.