چمبڙ ۾ ٽائون ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

چمبڙ ۾ ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن پاران ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو.

آفتاب عالم ڪنڀر، زوهيب ميمڻ، عبدالڪريم خاصخيلي ۽ بين احتجاج ڪري ڪيمپ قائم ڪري ڇڏي.

هنن چيو ته اڳوڻي ٽائون چيئرمين جي وقت کان انڪم ٽيڪس ادا نه ڪرڻ سبب اڪائونٽ سيل ڪيا ويا جڏهن ته ٽائون آفيسر ۽ اڪائونٽنٽ ملي ڀڳت ڪري 6 لک رپيا ڦٻائي ويا.

هنن چيو ته اسان جي گهرن ۾ راشن به نه آهي ۽ پگهار ناهي ٿي سگهي، هنن گهر ڪئي ته کين پگهارون ڏياري فاڪاڪشي کان بچايو وڃي……

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.