ميھڙ ۾ 4 ڏينھن اڳ ھٿياربندن ھٿان قتل ٿيل غلام سرور چانڊيو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ قتل ڪيس وارثن جي مرضي جي ابتڙ سرڪاري فرياد تي داخل ٿيڻ خلاف مقتول جي وارث مرد عورتن ۽ چانڊيہ برادري پاران صائمه ، ريشمان ، شھزادي ، حاجي خان چانديو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي نيشنل پريس ڪلب ميھڙ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي
ھنن چيو ته پوليس قتل ڪيس لوڙهڻ چاهي ٿي جڏهن ته قتل ۾ پ پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻو صوبائي وزير نادر مگسي ملوث آھي ھنن گھر ڪئي تہ مقتول غلام سرور جا قاتل گرفتار ڪري ڪيس سندن مرضي موجب داخل ڪيو وڃي……..